الطاف حسين انڙ

الطاف حسين انڙ

الطاف حسين انڙ

الطاف انڙ: مشھور سياستدان الطاف حسين ولد غلام عمر انڙ، 1952ع ڌاري علي آباد، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گرئجوئيشن ڪئي. سندس تعلق سياسي گهراڻي سان هو. الطاف حسين انڙ پنھنجي ڀاءُ غلام حسين جي 1995ع ۾ وفات بعد سياست ۾ پير پاتو. 1997ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي ٽڪيٽ تان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. بعد ۾ آزاد اميدوار طور چونڊ کٽڻ بعد مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو. 2002ع کان 2012ع تائين مسلم ليگ (ق) ۾ رهيو، جتي کيس مرڪزي سينئر نائب صدر جو عھدو مليو ۽ 2002ع جي چونڊن ۾ حصو وٺي ڪامياب ٿيو. 2002ع ۾ روينيو کاتي جو صوبائي وزير ۽ پوءِ پاور اينڊ رليف جو صوبائي وزير رهيو. الطاف حسين انڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ٽي ڀيرا ميمبر ۽ تعلقي باقراڻيءَ جو ٻه ڀيرا عشر زڪوات جو چيئرمئن پڻ رهيو. پيپلزپارٽيءَ جي مخالفت سبب 2008ع جي اليڪشن بعد عذرا پيچوهو مٿان فائرنگ جي ڪيس ۾ ڪيترو وقت جيل ۾ رهيو. ڪجهه سال جيل ۾ رهڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿيو ۽ 2013ع جي عام چونڊن کان اڳ پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪيائين، پر جلد ئي پ پ پ کان ڌار ٿي آزاد اميدوار طور PS.35 تان اليڪشن وڙهيو ۽ 26 فيبروري 2014ع تي اليڪشن ٽربيونل سکر طرفان غلط اثاثا ظاهر ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو. الطاف حسين انڙ دل جي دؤري پوڻ سبب 7 مارچ 2014ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان علي آباد ۾ دفن ڪيو ويو. سندس هڪ پٽ عادل عدنان انڙ سياست سان لاڳاپيل آهي.


لفظ الطاف حسين انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2014.03.07  عيسوي

الطاف حسين ولد غلام عمر انڙ، 1952ع ڌاري علي آباد، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. الطاف حسين انڙ دل جي دؤري پوڻ سبب 7 مارچ 2014ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي خان خشڪ
اسلم بيگ مرزا
عبدالغفور ميمڻ پروفيسر
عباسي پنجل
حبيب الله صديقي ڊاڪٽر
حبا بخاري
رفيق عيساڻي
سقراط
ابو سعيد عبدالڪريم سمحاني
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون